ReePrime
Thul News...

Hosted by Dailymotion. For legal issues report at the Copyright Center, report us on DMC, or use the Instant Removal tool.

Thul News...

F
Fayaz Abbasi

1 Views • Jul 10, 2015

Description

ٺل:پي پي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي 78 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ واٽر سپلائي اسڪيم جي ڪم جي رولڙي جو نوٽيس وٺندي پبلڪ هيلٿ کاتي کي لکت ۾ ليٽر لکي احتجاج ڪيو،جڏهن ته سنڌ اسمبلي ۾ آواز اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،پي پي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ٺل جي صحافين سان گڏجي ڪري ڳڙهي حسن سرڪي ۽ ميرپورٻرڙو تائون ڪاميٽيز ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٺل جي ڪمن جو دورو ڪيو،انهي موقعي تي پي پي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيوته 78 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان هلندڙ واٽر سپلائي اسڪيم جي ڪم سست رفتاري تي سخت احتجاج ڪندي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ سميت واسيطدار عملدارن کي ليٽر لکي ڪري ڪارروائي جو مطالبوڪيو،صحافين سان ڳالهائيندي ايم پي اي ڊاڪٽرسهراب خان سرڪي چيوته ٺل جي واٽر سپلائي جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي جنهن اسڪيم لاءِ مون 78 ڪروڙ روپيا منظور ڪرايا آهن پر ڪم سست رفتاري سان ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ به ناقص مٽيريل استعمال ٿي رهيوآهي جيڪو برداشت جوڳو ناهي،هن چيوته ٺل جي واٽر سپلائي اسڪيم جا پائيپ به ناڪارا آهن جنهن بابت مون پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر توڙي ٺيڪيدار کي شڪايت ڪئي پر انهن منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي،جيڪي ماڻهو ايم پي اي کي نظرانداز ڪري رهيا آهن اهي غريب عوام کي ڪهڙو رليف ڏيندا،هن چيوته انجنيئر پبلڪ هيلٿ توڙي ٺيڪيدار پنهنجو قبلو درست ڪن ٻئي صورت ۾ سنڌ اسمبلي ۾ آواز اٿاريندس،هن نيب ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبوڪيو،هن چيوته ٺل جي ميگاپراجيٽ روڊن جي اسڪيم بابت سنڌ ٽي وي نيوز تي ٺل جي شهرين جو شڪايتون نوٽ ڪيون آهن تنهن جي ڪري جيڪڏهن ٺل جي روڊن واري ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيوته انهي ڪم جي ٺيڪيدار کي به بخش نه ڪيو ويندو۽ سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي