ReePrime
Sughar Abdul Rahman Mahesar

Hosted by Dailymotion. For legal issues report at the Copyright Center, report us on DMC, or use the Instant Removal tool.

Sughar Abdul Rahman Mahesar

M
Mahesar Sughar Abdul Rahman Mahesar

8 Views • Sep 10, 2024

Description

❤❤
سنڌ سونهاري جي پاڪ ڌرتي تي ڪيترن ئي اديبن محققن دانشورن ڏاهن شاعرن سگهڙن جنم ورتو آھي جن مان سنڌ جو مهان اعلي صفت انسان سدا حيات سگهڙ ”حاجي عبدالرحمان مهيسر“ به هڪ علمي ادبي انسان دوست ٿي گذريو آھي
حاجي” عبدالرحمان مهيسر“ ١ آڪٽوبر١٩٤٥ع ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقو ڪنگري ضلع خيرپور ۾ ”حافظ محمد صالح مهيسر“ جي گهر ۾ جنم ورتو
ديني تعليم توڙي سنڌي انگريزي پير جي ڳوٺ مان حاصل ڪئي حاجي صاحب جڏهن جواني جي دور کي ويجهو آيو ته کيس ٻولي تهذيب ثقافت جو خيال پيدا ٿيو ۽ پاڻ سگهڙائپ کي اپنائي لوڪ ادب کي هٿي وٺائي سگهڙن سان جهر جهنگ وڃي مليو ۽ سگهڙن جو ڪچهريون عام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو جڏهن حاجي صاحب کي ٻولي سان گڏوگڏ سگهڙن جي غريبي حال جو احساس ٿيو ته پاڻ ”آل سنڌ سگهڙ ادبي تنظيم“ جو بنياد وڌو ۽ سرڪاري طرح غريب سگهڙن جي ساعتا ڪرائڻ ۾ سگهڙن جي مدد ڪندو رهيو ياد رهي ته سنڌ جو نالي وارو محقق تحقيقدان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس سان ٻانهن ٻيلي رهندو هيو هوئين ته ”حاجي صاحب“ پاڻ ائين ئي همت ڀريو انسان هيو پر بلوچ صاحب جي ساڻس ڪا اهڙي محبت هئي جو ڪٿي به ڪا سگهڙن جي ڪچهري ٿيندي هئي اتي بلوچ صاحب ساڻس گڏ هوندو هيو پوء ڀلي اها ڪچهري اڇڙي ٿر ۾ هجي يا قائم خان ڀنڀرو جي اوطاق تي هجي يا وري ٿرپارڪر بدين ۾ هجي مقصد ته اهڙي ڪا ڪچهري هوندي جنهن ۾ ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“ نه هجي
حاجي صاحب پنهنجي محنت جفاڪشي ۽ جاکوڙ سان غمنام سگهڙن کي منظر عام تي آندو پاڻ ڳچ وقت Ptv ڪراچي جو ڪمپيئر رهيو جتي سگهڙن کي متعارف ڪرئڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آھي پاڻ ڪچهرين کي عام ڪرڻ لاء ۽ ماڻهن کي متوجوه ڪرڻ لاء مچ ڪچهرين جو بنياد رکيو ياد رهي ته اڳئي سگهڙن جو ڪچهريون ٿينديون هيون مگر صرف سگهڙ پاڻ ۾ ويهي ڏور گجهارت جي ڪچهري ڪندا هيا پر ”حاجي عبدالرحمان مهيسر“ انهن ڪچهرين ۾ فن جي نواڻ پيدا ڪري ڪچھرين کي عام ڪيو ان مسلسل ڪوشش سان سگهڙن جي مقبوليت پوري پاڪستان ۾ ٿيڻ لڳي
حاجي صاحب حڪومت پاڪستان کان لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ڪچهرين لاء ڪجھ مطالبا ڪيا جن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس ۾ سگهڙن جي ڪچهري رچائي وڃي
حضرت لال شھباز قلندر جي ميلي ۾ سگهڙ ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي
صوفي سچل سرمست جي عرس ۾ سگهڙن جي ڪچهري رچائي وڃي
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
ريديو پاڪستان خيرپور
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
۾ سگهڙن کي اپرول ڪري لوڪ ادبي ڪچهريون ڪيون❤❤❤❤