ReePrime
karo kari

Hosted by Dailymotion. For legal issues report at the Copyright Center, report us on DMC, or use the Instant Removal tool.

karo kari

M
Mir Mirkhan

299 Views • Dec 09, 2012

Description

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو

شهداءِ ڪربلا

مسلمان ڀائرو! محرم جا ھي ڏھاڙا ڪربلا جي شھيدن سوره سرويچ
بھادرن پاڪ پيغمبر جي ٻچڙن جي ياد ڏيارن ٿا ۽ امت کي سبق سيکارن ٿا ته ڪربلا جي تتل ڌرتي مٿان مسافر بنجي آيل نبي جي پيارن ٻچڙن حق ۽ سچ جو عظيم مثال ڇڏيو. دوستو ! ھي قدرتي قانون آھي . دنيا ۾ نيڪي به آھي بدي به آھي. خير به آھي شر به آھي حق به آھي باطل به آھي انھن ٻنھين جو ازل کان جھيڙو رھيو آھي . جتي حق ھوندو اتي باطل به مخالفت لاءِ اٿندو. جتي باطل ھوندو ته حق به ضرور ان جي مقابل ٿي ايندو. حق ۽ باطل جو اھو معرڪو جاري آھي ۽ قيامت تائين جاري رھندو. باطل جي مدد ۾ ابليس ۽ ان جو لشڪر آھي ، حق جي مدد ۾ خود الله ۽ ان جا فرشتا آھن. اھو الله جو اٽل فيصلو آھي ته فتح ھميشھ حق وارن جي ٿيندي آھي. حق وارا باطل جي مقابلي ۾ مري پون ته شھيد بنجن فتحياب ٿي موٽن ته غازي رب راضي. ھيڏھون به انعامن جا انبار ھوڏھون به اجر انعام ۽ مال غنيمتون. حق جي ٻيڙي لڏي پر ڪڏھن نه ٻڏي .

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو